Tuesday, 8 June 2021

RO Plant ( Reverse Osmosis Plant)

 آر-او پلانٽ (ريورس اوسموسس)

شولال راساڻي
آر-او سجي دنيا ۾ هڪ بهترين ٽيڪنولوجي آهي جنهن جي ذريعي کاري پاڻي مان نمڪيات ۽ ٻيون آلودگيون ڪڍي پيئڻ جي لائق ڪيو ويندو آهي.
آر-او پلانٽ خصوصن کاري پاڻي تي لڳايو وڃي ٿو جتي پاڻي ۾ نمڪيات گھڻي آهي،يا وري پاڻي تمام گھڻو گدلو آهي. آر-او پلانٽ جي ڊزائن موجود (وسيلي جي) پاڻي جي چڪاس تي آهي جيئن ڪنهن هڪ ڳوٺ ۾ موجود زير زمين پاڻي جو ٽيسٽ جونتيجو، ۽ ٻي وسيلي(کوهه، نلڪو،بور،وغيره ) جي پاڻي جي چڪاس جو نتيجو الڳ هوندوآهي، تنهن ڪري آر-او ٻنهي لاءِ الڳ ڊزائن ڪبو،آر-او جو دارومدار ميمبرين تي هوندو آهي جنهن جي بناوٽ پاڻي ۾ موجود ڪيميسٽري تي آهي، انهي لاءِ ٿر ۾ کاهوڙ لاءِ الڳ ته وري ڪنٺي لاءِ الڳ آر-رو تيار ڪبو آهي، اهڙي طرح جيترو گهڻو کارو پاڻي هوندو اوترو آر-رو مٺو گهٽ ڏيندو.
آر-رو پلانٽ جي ميمبرين جو اثر سڌو اڻ سڌو پاڻي ۾ موجود ملاوٽ تي آهي جهڙوڪ مٽي،گدلاڻ،پاڻي جو گرو هجڻ،ڪلورين جو گھڻو مقدار،آئرن ۽ مينگنيز جو هجڻ،انهي ڪري ميمبرين تائين پاڻي جو (وڏي پريشر سان) پهچڻ صاف هجڻ ضروري آهي انهي لاءِ الڳ سينڊ يا ڪاربان فلٽرلڳايو ويندو آهي جيڪو ميمبرين مان گذرڻ کان اڳ گدلاڻ کان صاف ڪري ٿو،انهي فلٽر کان پوءِ هڪ ڊوزنگ پمپ لگندو آهي جيڪو هڪ ڊرم سان پائيپ جي ذريعي لڳايو ويندو آهي جنهن ڊرم ۾ هڪ اينٽي اسڪيلينٽ نالي ڪيميڪل هوندو آهي جيڪو جراثيم کي ماري ٿو، هن ڊوزنگ پمپ کان پوءِ هڪ ڪارٽيج فلٽر (5 مائڪرون پري فلٽريشن) لڳندو آهي جيڪو اڃان وڌيڪ صاف ڪري ميمبرين ڏانهن موڪلڻ لاءِ هڪ هائي پريشر پمپ ذريعي ميمبرين ڏانهن موڪليندو آهي،هاڻي ميمبرين جي ڊزائن جو ڪردار هوندو ته هو ڪهڙي شيءَ کي گذاري ٿي.ميمبرين ۾ موجود سوراخ جي ماپ ائين پاڻي ۾ موجود عنصرن جي ماپ تي دارو مدار آهي،جهڙوڪ پاڻي ۾ موجود سوڍيم ميگنيشم،ڪلورائيڊ جي سائيز ماپ ميبرين جي سوراخ جي ماپ کان گهٽ آهي ته پوءِ پاڻي ۾ موجود سوڍيم ميگنيشم،ڪلورائيڊ سڌو گُذري ايندا ايئن ٿر ۾ لڳل آر-او ۾ به اها ئي عمل ٿيو آهي جڏهن ته ٿر ۾ موجود پاڻي ۾ لوڻياٺ (سوڊيم ميگنيشم،ڪلورائيڊ) تمام گھڻي آهي ائين اهو پاڻي جڏهن ٻاهر استعمال لاءِ گهرن ۾ دِلن،گيلن يا ٻي ڪنهن برتن ۾ رکيو ويندو آهي ته پاڻي ۾ اها برابر واري شرط نه رهندي آهي پوءِ پاڻي انهي برتن سان هوا جي ذريعي ردعمل ڪري ٿو جنهن سان پاڻي جو ٽيسٽ بدلجي وڃي ٿو جيڪا ٿر ۾ هر ماڻهو جي واتان اهو ٻُڌڻ ايندو آهي.پاڻي جڏهن ميمبرين مان گذري ٻاهر نڪرندو آهي ته پوءِ وري پاڻي اوزونيٽر ۽ يُو وي لائيٽ مان گُذاري پوءِ گڏ ڪرڻ واري ٽينڪ ۾ وڌو ويندو آهي، جيڪڏهن اُها ٽينڪ صاف ناهي ته پوءِ ايڏي وڏي نموني جو مقصد ناهي رهيو، ۽ ٽينڪ اهڙي نموني بند هجي جيئن ان ۾ سج جي روشني سڌي نه پهچي،هاڻي ايڏي وڏي محنت سان پاڻي صاف ڪيو ويو پر وري اها صاف پاڻي انهن گهڙن/دِلن يا ڪنهن اڻ ڌوتل برتن ذريعي جڏهن پاڻي گھرن تائين ويندو ته آر-او جي ڪو معنيٰ نه رهي، رهي ڳالهه منرل جي ته پوءِ جڏهن پاڻي ميمبرين مان گُذري ايندو آهي ته پاڻي جي ٽي-ڊي-ايس ۽ پي- ايڇ معلوم ڪبي آهي،پر جي ڪڏهن پي-ايڇ پوري ناهي ته پوءِ پي-ايڇ ڪيميڪل وڌو ويندو آهي ان کان پوءِ منرل پهرين چيڪ ڪري ماپ پطابق وڌا ويندا آهن تڏهن منرل واٽر چئي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ جو آر-رو پاڻي ۾ موجود منرل(ڪيلشيم ائيم ميگنيشيم) ڪڍي ڇڏيندو آهي جيڪا وري واپس هٿن سان وِڌا / ملايا ويندا آهن.
آر-رو پلانٽ مان نڪرندڙ کارو پاڻي جيڪو ڪنهن ڪم جو ڪونه هوندو آهي. نه مال جي پيئڻ جي نه وري ڪنهن گهرو ڪم جي، آر-او مان خارج ٿيندڙ کارو پاڻي جو تعداد مٺي ٿيندڙ پاڻي کان گھڻو هوندو آهي، ائين جيڪڏهن اُهو کارو پاڻي ايئن ئي زمين تي ڇڏي ڏنو ته زمين لوڻياٺي ٿي ويندي ائين اُتي موجود وڻ به سڙي ويندا،انهي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو انتظام ڪيل هجي ته جيئن نه مال پي سگهي نه ئي وري اهو ساگيو پاڻي زمين ۾ داخل ٿي زير زمين سان ملي اُن کي وڌيڪ کارو ڪري، ان جو واحد حل هوا ۾ اُڏائڻ آهي جيڪو ڏکيو عمل آهي. اهو ٿر ۾ موجود ڪنهن به آر-او پلانٽ ۾ ناهي بس هڪ بحريه فائونڊيشن طرفان ڳوٺ حجامڙو ۾ کاري پاڻي کي هڪ زير زمين ٽانڪو ٺاهي ان کي مٿان بند ڪيو ويو آهي،
هن ٽيڪنولوجي کي روزمره جي بنياد تي هلائڻ لاءِ هڪ تربيت يافته آپريٽر جي ضرورت هوندي آهي جيڪو پل پل پوري معاملي کي چڱي ريت سمجهي ائين حل ڪري سگهي.
آر-او آهستي وارو عمل آهي ٿوري وقت ۾ گھڻو پاڻي مٺو نٿو ڪري سگھي، ائين آر-او کارو پاڻي گھڻو ڪندو آهي ۽ مٺو پاڻي گھٽ، هڪ پاڻي جي ٽي-ڊي-ايس ڏهه هزار پي-پي-ايم آهي جڏهن اهو مٺو ڪرڻ لاءِ هڪ هزار کان گھٽ ڪندو ته لازمي آهي پويان کاري پاڻي جو تعداد گھڻو ٿيندو،اهڙي ريت پاڻي جو 60 سيڪڙو کارو ته 40 سيڪڙو مٺو نڪرندو.
آر-او جو پاڻي ٿورو تکو هوندو آهي،ائين ذائقوپڻ بدليل هوندو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڪا ڳالهه سمجهه نه آئي يا وري مون ڪجه غلط بيان ڪيو هجي يا وري ڪو دوست اڃان وڌيڪ اضافعو ڪرڻ چاهي ته ڀليڪار چوندس.
شولال راساڻي

No comments:

Post a Comment