Tuesday, 8 June 2021

Environment will not Die If Tree will remain on Earth

 ٿر پُڪاري پر

تحرير؛ شولال راساڻي
ھوئين ٿرپارڪار پنھنجي مستي ۾ جھومي رھيو آھي، ان جھومڻ ۾ وڌيڪ ساھتا ڪرڻ وارا ٿر جا معصوم ۽ خوبصورت آواز گونجندڙ پکيئڙا آھن، جيڪي ٿر جي ڀٽن جي ڀلوڙ ڌوڙ جي سِليڪا جھڙي داڻن سان پنھنجو مڌر آواز ٽھڪائي ٿر جي خوبصورتي تي ٿرين کي ناز ڪرائين ٿا.. توھان ٿر جي ڏورانھين پاسي ھليا وڃو ۽ جتي ڪنھن بہ قسم جو گوڙ شور ٻُڌڻ ۾ نہ اچي اُتي سڪون سان ويھي سانجھي جي وقت صرف انھن پکيئڙن جون لوليون ٻڌي توھان جي اندر جي روح جي غذا توھان کي سڪون ڏياريندي، اھو ٿر جا وڻ جيڪي آڪسيجن ڏيڻ سان گڏ انھن پکين جو آشيانو بڻيل آھن.پر اھي وڻ انھن پکين جو اجھو آھن جيڪي ھاڻي نالي ماتر رھيا آھن. اھو ٿر جي ڳالھ ٿي ڪجي جيڪا ھئي ، ھاڻي نالي ماتر رھي آھي، ان جا ذميوار صرف اسين ٿريا آھيون. اسان پاڻ انھن وڻن کي پنھنجي مُبارڪ ھٿن سان وڍرائي پٽ ڪري رھيا آھيون. اھي ڪيترائي وڻ پکين جا آشيانا جيڪي نيون ٿيندڙ ترقين ۾ ڪم آڻيندڙ روڊن تي ھلندڙ ڪارن چشمن پائيندڙ ٿرين جي ھلندڙ اڇين گاڏين جي ھڪ پُرس جيڏن فيٿن جي ھيٺيان چيڀاٽجي ويا..
ان سان ماحول ۾ آلودگي جو درجو وڌندو ۽ نون ترقين مان نڪرندڙ دونھون ھن آلودگي کي ھٿي ڏياريندو جنھن سان انسان کي ساھ کڻن ۾ تڪليف ٿيندي.اھو وڻڪاري ڏينھون ڏينھن ويندي ختم ٿيندي ۽ پريشاني وڌندي ويندي.انھي مسئلي جي حل ڏانھن ڪنھن بہ ڪنڌ ڪونہ ڦيرايو آھي اھو پڪ سان ايندڙ وقت پاڻ ٻڌايئندو.
دُنيا ۾ ھوائي آلودگي جا ايڪٽ ٺاھيل آھن جن تحت زمين ۽ آسمان صاف رکڻ ضروري سمجھيو ويندو آھي. ورلڊ ايڪانامڪ فورم تحت آمريڪا ۾ 1960 ۾ ھوائي آلودگي روڪڻ جو قانون ٺاھيو ويو جنھن تحت آمريڪا 1.5 بلين پکي بچايا آھن. ۽ اھو گاڏين جو تحداد ۽ اُن مان نڪرندڙ دونھي جو بہ ھر سال ڪاٿو لڳايو وڃي ٿو، اھڙن قانون ۽ قائدن ھوا ، ۽ ماحول ۾ وڌيڪ بھتري آڻي آھي.جنھن سان اوزون جي تھ تي وڏو سُٺو اثر پيو آھي.اھو سب ڪجھ اسان جي ففڙن سان لاگاپيل آھي، جيڪڏھن اھا ھوا صاف نہ ملندي تہ ايندڙ وقت ۾ بيماريون ڏاج ۾ ھونديون..ھوا جي آلودگي جو سڌو اثر پکين تي ٿيئي ٿو ..جنھن ۾ اڪثر جهرڪي ۽ جهرڪي جيڏن پکين لاءِ جيئڻ ڏُکيو ٿيندو..منھنجو توھان سڀني ٿرين کي نماڻو عرض آھي تہ اسان جي روح جي غذا اھي معصوم پکي آھن، جنھن سان ٿر ۾ خوبصورتي اچي ٿي انھن کي بچايو انھن جا اجھا وڻ نہ وڍيو. جيڪڏھن انھن جا پر پٽجي ويا تہ سمجھيو اسان جا پر پٽجي ويندا...توھان جو شولال راساڻي چيلھاريو

No comments:

Post a Comment