کٻڙ ۽ ڪنڊي
شولال راساڻي
زمين جي اندر لڪل ٻنهي جي ٻج کي اها خبر ئي نه هئي ته ڪو
اسان پاڙيسري آهيون وقت سان ٻج پنهنجو پاڻ کي نرواڻ ڪرڻ لڳا..زمين جي تهه تي نڪرڻ
وقت هڪ ٻئي کي سامهون ڏٺائون پر ڪنڊي شايد عمر ۾ وڏي هئي ڇاڪاڻ جو اهو ڪجه وقت
پهرين هن کي زمين جي هيٺين تهه پنهنجي ڀاڪر م پائي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ڇڏيو..وقت
گذرندو رهيو کٻڙ جي دل م ڪنڊي سان عشق ٿيندو ويو..دل ڪري پئي ته ڀاڪر وجهان پر ڪجه
ڪري نٿي سگهي. دل سان دئائن نيٺ نياڻي جو نصيب ٺهيو , آخر موسم کي معيار ملي ته
هوا هوش ۾ آئي ۽ پنهنجو پاڻ کي طوفان جي شڪل م اچي ساٿ ڏنو هن زوردار هوا سان کٻڙ
وڃي ڪنڊي سان ڀاڪر پائي پنهنجو روح
ڪنڊي کي ارپي ڇڏيو. ڪنڊي کي پنهجي ٻانهن ۾ وجهي هميشه
ساه ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. پر ٿر ۾
اوڀر واري هوا (اُگتيو) جنهن کي فيٽاڙو به چوندا آهن جنهن کي انهن جي ڪٺور سياري جي سي ۾ ڀاڪر
پائي لطف وٺڻ ۽ روح رهاڻ نه وڻي ۽
پنهنجي زور سان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
پر ٿر جي ڪپه جهڙو گرم وڻ ٻوهه جنهن کٻڙ ۽
ڪنڊي جي جواني جي جوش جو احساس ڪندي ساٿ ڏنو
۽ الڳ ڪرڻ نه ڏنو.
سياري جا اڻوسرندڙ لمحا جيئن ئي
گذريا ته بهار جي موسم هنن جي جواني کي جي م جا۽ ڏني وڻ فوٽ جا
ڏينهن شروع ٿيا ته ٻنهي جهليا ٻور ڪنڊي کٻڙ جي ۽ کٻڙ ڪنڊي جي ڦلن کي چميون ڏيندا
رهيا ۽ رس چوسندا رهيا جيڪو پوپٽ ۽ ماکي جي
مک کي
اها گالهه نه وڻي ۽ انهن به پنهنجو
ڪم لاٿو. نيٺ ڦل ڏيڻ شروع ڪيو ته هن قدرت جي ماحول ۾ جيڪو اشرف المخلوقات جو
درجو رکندڙ انسان اچي پهتو….جنهن کٻڙ جي جسم کي رتو رت ڪري ڇڏيو جنهن تي ڪنڊي ڪومائجڻ لڳي, پر ٻئي وڻ انسان نالي درندي اگيان
مجبور رهيا، انهن صرف ايترو ٿي پڇيو ته اي انسان اسان جو ڪهڙو ڏوه جو اسان سان
ايئن ڪيو پيو وڃي، ڏوه صرف اهو آهي ته اسان توهان لاء ٿدي ڇانو،ميوو، ڪاٺي،
آڪسيجن، ماحول کي صاف رکڻ ۾ مدد ٿا ڪريون صرف اهو ئي ڏوه آه…؟؟؟؟ پر وقت سان گڏ ڪنڊي
جو به ڪنهن وحشي انسانيت جي
پايل پوتلي هٿان سر قلم ڪيو ويو….
شولال راساڻي
Very informative article. Keep it up Shiv.
ReplyDeleteThank you Sir
Delete