Wednesday, 8 January 2025

چيلهار چمڪي پئي

اسان تعليمي کاتي جي اختيارين کان پوري دل سان اپيل ڪريون ٿا ته 

اسڪول جي  حفاظت ۽ بهتري لاءِ بائونڊري وال تعمير ڪئي وڃي ۽ اسڪول جي زمين کي قبضن کان محفوظ ڪيو وڃي

چيلهار، ضلعو ٿرپارڪر جو هڪ اهم شهر، هاڻي تعليمي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي اسڪولن، گروپن ۽ سول سوسائٽي طرفان مختلف تعليمي ايونٽس منعقد ڪيا وڃن ٿا. ھڪ قابل ذڪر سول سوسائٽي، جيڪا ڀلائي جي ڪمن کان علاوه تعليم جي فروغ ۾ سرگرم آھي، تازو ئي يٿ وائس فيسٽيول نالي ھڪ وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. ھن ايونٽ شاگردن لاءِ پنھنجا ٽيلنٽ ڏيکارڻ جو شاندار موقعو فراهم ڪيو، جتي تقريرن، مضمون لکڻ، ڳائڻ ۽ سائنس جي نمائش جي مقابلي ۾ شاگردن پنھنجي قابليتن جو مظاهرو ڪيو. ھن ايونٽ ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جي ڇوڪرين سرگرمي سان حصو ورتو، جيڪو چيلهار ۾ شاگردياڻين جي واڌاري جو عڪس ھو

ٻئي پاسي، هڪ گروپ شاگرد سٿ پڻ تعليمي سرگرمين ۾ سرگرم آهي. هن گروپ نه صرف فيسٽيول ۾ حصو ورتو پر بعد ۾ اسڪول ٽيسٽس به منعقد ڪيا ۽ ٽاپرز کي انعام ڏنا ته جيئن شاگردن کي همٿائي سگهجي. ان کان علاوه، چيلهار جا مختلف اسڪول شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاندار قدم کڻي رهيا آهن. گرلز هاءِ اسڪول چيلهار سائنس ماڊل جي نمائش منعقد ڪئي، جڏهن ته ٻه خانگي اسڪول، اقرا انيس ميموريل اسڪول ۽ درپن پبلڪ اسڪول سائنس ميلن ۽ ٻين ايونٽس ذريعي شاگردن جي تخليقي ۽ علمي قابليتن کي اجاگر ڪيو آهي.

تازو ئي، هڪ شاندار سائنس ۽ آرٽ فيسٽيول رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ ڪيمپس اسڪول جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو. هي شاندار فيسٽيول، چيلهار جي تاريخ ۾ ھڪ يادگار سنگ ميل ثابت ٿيو، جيڪو تخليقيت، جدت ۽ نوجوان ذهنن جي بي پناھ صلاحيتن جي جشن طور منعقد ڪيو ويو. هن فيسٽيول ۾ شاگردن پنهنجي قابليتن جو شاندار مظاهرو ڪيو، جتي هر شاگرد سائنس ماڊلز ۽ آرٽ ڊسپليز ۾ پنهنجي محنت شامل ڪئي. 

هڪ نمايان نمائش شاگردن ديوان ٿاهراڻي، چيتن مالهي ۽ آڪاش بالماڻي طرفان ٺهيل هڪ ماڊل هئي، جنهن جو مقصد هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ بائونڊري وال جي کوٽ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ هو.

هي ماڊل، جيڪو اسڪول جي مک احاطي تي رکيو ويو،  جنهن جي چوديواري جيڪا حقيقتن هڪ لوڙهي نمان ڏنل هئي، اهو لوڙهو پڻ  اسڪول جي هيڊ پرنسپال چنديرام راساڻي جي ڪوششن ۽ نظرئي کي ظاهر ڪري ٿو.جنهن ۾ هن وقت اسڪول کي محفوظ سمجهي وڃي ٿي. هي تخليقي پيشڪش اختيارين کي بائونڊري وال جي تعمير لاءِ هڪ مضبوط اپيل پيش ڪري ٿي. 

اسڪول کي هڪ بائونڊري وال تمام ضروري آهي ته جيئن اسڪول جي عمارت کي چوري ۽ نقصان کان بچائي سگهجي ۽ ان سان گڏوگڏ هيڊ ۽ اسٽاف جي ڪوششن سان پوکيل نون وڻن جي حفاظت پڻ ٿي سگهي. ان کان علاوه، اسڪول جي ميدان لاءِ مختص ڪيل خالي زمين تي زمين مافيا پاران قبضا ٿيڻ جو خطرو آهي. جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيو ويو ته موجود ميدان جو علائقو گهڻو گهٽجي ويندو ۽ عارضي باڙ (لوڙهي) تائين محدود رهندو.

اهڙا فيسٽيول صرف ايونٽ نه آهن؛ اهي تبديلي آڻيندڙ تجربا آهن، جيڪي شاگردن ۾ سکڻ ۽ دريافت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪن ٿا. اهي ٻارن کي وڏا خواب ڏسڻ، تخليقي سوچڻ ۽ پنهنجي قابليتن تي يقين رکڻ لاءِ طاقت ڏين ٿا. اهڙيون سرگرميون شاگردن جي مثبت واڌ ويجھه کي فروغ ڏين ٿيون ۽ انهن کي منفي اثرن کان محفوظ رکن ٿيون.

هن شاندار ايونٽ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ پرنسپال، پرعزم استاد، ۽ محنتي اسٽاف سميت انهي شهزادن شاگردن جي ڪوششن کي دل سان ڀيٽا ڏجي ٿي. ۽ خاص طور تي شاگردن کي، جيڪي هن فيسٽيول جا اصل ستارا آهن! توهان جي تخليقيت ۽ محنت اسان سڀني لاءِ فخر ۽ اميد جو سرچشمو آهي.

هي فيسٽيول چيلهار جي ٻارن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، ۽ انهن کي اعتماد، جدت ۽ همدردي سان ڀرپور انسان بڻائڻ جي شروعات آهي. اسان تعليمي کاتي جي اختيارين کان پوري دل سان اپيل ڪريون ٿا ته اسڪول جي حفاظت ۽ بهتري لاءِ بائونڊري وال تعمير ڪئي وڃي ۽ اسڪول جي زمين کي قبضن کان محفوظ ڪيو وڃي.

Tuesday, 3 December 2024

سنڌ طاس معاهدو ۽ نوان ڪينال



سنڌو درياءَ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو درياھ آهي ۽ دُنيا جي وڏن دريائن مان هڪ آهي، درياءَ جي ڊيگھ لڳ ڀڳ 2000 ميل يا 3200 ڪلوميٽر آهي. اهو درياھ چين جي علائقي تبت ۾ هماليه جي ڪيلاش پهاڙي مان نڪري ٿو، ڪيلاش جي وچ ۾ هڪ مشهور جبل به آهي، جنهن جي ڪناري تي هڪ مشهور ڍنڍ مانسرور، مانسارور موجود آهي، جنهن کي درياءِ سنڌ جو سرچشمو سمجهيو وڃي ٿو. هن ڍنڍ مان درياءِ سنڌ جي سينڌ شير جي وات مان شروع ٿيئي ٿي، ۽ ٻيا درياءَ جهڙوڪ، هاٿيءَ جي وات مان ستلج، مور جي چونچ مان گنگا ۽ گهوڙي جي وات مان برهم پُتر درياءَ نڪرن ٿا.


                 1960 ع ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جو دريائن جي ورڇ تي هڪ معاهدو ٿيو هو. جيڪو جواهر لال نهرو ڪراچي اچي صدر ايوب خان سان معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان معاهدي ۾ ٽي درياءَ بياس،ستلج، ۽ راوي انڊيا رکيا ۽ ٽي سنڌو درياءَ، چناب درياءَ ۽ جھلم درياءَ 80 سيڪڙو جي نسبت سان پاڪستان کي سونپيا ويا ۽ انهن جو پڻ 18 کان 20 سيڪڙو انڊيا جي حوالي ٿيل آهي، جنهن مان اهو بجليءَ جا ڪارخانا، زراعت لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو، پر معاهدي مطابق، پاڻيءَ کي روڪي يا رُخ موڙڻ يا ڊيم نه ٺاهي سگهندو. بي بي سي مطابق، انڊيا هاڻ ان معاهدي تان ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد موسمياتي تبديلي، آباديءَ ۾ اضافو، صاف انرجي جي پيداوار ۽ پسگردائيءَ ۾دهشتگردي جهڙن واقعن جو جواز آهي. بي بي سي تي انٽرويو ۾ ٻنهي پاسن جي ماهرن جا خيال اهي آهن ته، اهو معاهدو ٻنهي جي رضامنديءَ سان ختم ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن هندوستان ان معاهدي کي پنهنجي منهن ختم ڪندو ته اهو هڪ نئين روايت وجهندو، جيڪا پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻڻ جي برابر هوندي، ڇاڪاڻ جو هندوستان خود هڪ لو ريپيئريئن مُلڪ آهي، جيڪو هاءِ ريپيئريئن مُلڪ چائنا جي برهم پُترا درياءَ جي پاڻي مان پاڻي وصول ڪري رهيو آهي، پوءِ اها روايت چائنا پوري ڪندو ته هندوستان لاءِ لپ به پاڻي نه ملندو، ۽ چين کي ڪير روڪي به نٿو سگهي.


هندوستان پاڻ پاڪستان جو هاءِ ريپيئريئن مُلڪ ته آهي پر هوڏانهن چين جو لو ريپيئريئن مُلڪ جي ناتي پاڻ به ڦاٿل آهي، اهو هڪ الڳ بحث آهي ته چين سان پاڪستان ۽ هندوستان ٻنهي جا هن وقت واسطا گهرا آهن ۽ چين ٻنهي مُلڪن ۾ پنهنجي سرماياڪاري کي هٿي ڏئي رهيو آهي. سنڌ طاس وارو معاملو پاڪستان سان الڳ پاڻيءَ جو مسئلو آهي، جڏهن ته هن وقت پاڪستان ۾ ٻيو اهم موضوع زيرِ بحث آهي، جنهن ۾ سنڌو درياءَ تي وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ جو، جيڪو ارسا ايڪٽ جي ماتحت پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارو معاهدو ٿيل آهي، اهو تفصيلن نصير ميمڻ جي سوشل اڪائونٽس تي پرنٽ ۽ سندس وڊيوز ۾ به بيان ڪيل آهن، جيڪا اسان جي سنڌ جو شعور جي لاءِ هڪ بهترين ڄاڻ آهي، ۽ نصير ميمڻ يقينن ان معاملي تي تفصيلن لکيو آهي ۽ هڪ بهترين ڪيس وڙهي رهيو آهي، انهيءَ سان گڏ اسان جي سنڌ جي سول سوسائٽي پڻ سُجاڳ آهي ۽ سنڌ حڪومت کي هر موڙ تي ٿيندڙ هن ارسا ايڪٽ جي ترميم کي ناپسند ڪيو ويو آهي ۽ ان خلاف مُختلف هنڌن تي هڙتالن جا سڏ به ڏنا ويا آهن ۽ ڏنا پيا وڃن.


هاڻي هڪڙي پاسي ڏٺو وڃي ته سنڌ طاس مسئلو پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري ارسا ايڪٽ جي ترميم سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ويتر وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ صوبائي ڇڪتاڻ جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪُجھ منٽن لاءِ اهو سوچجي ۽ پوئين تاريخ ورجائجي ته هن وقت تائين ڪوٽڙي بئراج تان پاڻي جو وهڪرو ڪيترو رهيو آهي ۽ اڳي ڪيترو هوندو هو، اهو ته ڪينال ٺاهڻ کان پهريان جي ڳالھ ٿي ڪجي، هاڻي جيڪڏهن ساحلي پٽي تي نظر ڦيرائجي ته هڪڙي پاسي ڪجھ پٽن تي تيل جي ڳولها دوران ڪيترائي ڪيميڪل وارا بور ۽ بارود استعمال ٿيا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي معيار ۾ وڏو فرق آيو ۽ ٻئي پاسي سنڌو درياءَ جي وهڪرن جي گھٽجڻ سان زيرِ زمين پاڻيءَ جو مقدار به گھٽجي ويو آهي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو مقدار وڌيڪ هُجڻ جي ڪري زيرِ زمين پاڻي مٿي آيو آهي، انڊس بيسن جو هڪ پنهنجو ڪردار آهي، جيڪا ساحلي پٽيءَ سميت پوري سنڌو درياءَ جي پاسن کي چارج ڪري ٿي، اهو به هڪ وڏو خطرو آهي ته سنڌ جي زمين به انهيءَ مقدار ۽ معيار جو پاڻي نه ڏئي سگهندي.


جيڪڏهن سنڌو درياءَ مان سمنڊ ڏانهن پاڻيءَ جي وهڪري کي مڪمل طور تي روڪيو ويو، ته سمنڊ تي وڏي تبديلي ايندي. نيم ساحلي علائقن ۾ سمنڊ اڳتي وڌڻ شروع ڪندو، جنهن سبب سنڌ جي ساحلي علائقن جهڙوڪ، ٺٽو ۽ بدين کي وڏو نقصان ٿيندو. ان سان گڏ، سمنڊ جي لوڻياٺي پاڻيءَ جي زمين ۾ داخل ٿيڻ سان زرعي زمينن ۽ فصلن لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿيندو. درياءَ جو وهڪرو صرف پاڻيءَ جي فراهمي تائين محدود ناهي، اهو ماحولياتي نظام کي پڻ برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي. سنڌو ڊيلٽا، جيڪو ڪيترين ئي جانورن ۽ نباتات جو گهر آهي، پاڻي جي کوٽ سان سخت متاثر ٿيندو.


پاڻي جي کوٽ سان زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جيڪا سنڌ جي معيشت تي سڌو سنئون اثر وجهندي. ڪڻڪ، چانور ۽ ٻيا فصل پاڻيءَ جي کوٽ سبب متاثر ٿيندا،  جنهن سان سنڌ جي زرعي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳندو. اهو روزگار جي گھٽتائي ۽ ڳوٺاڻي معيشت ۾ بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سنڌو درياءَ تي وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ سان سنڌ لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. پاڻيءَ جي ورهاست ۾ توازن خراب ٿيڻ سان گڏوگڏ ماحولياتي نظام، زراعت ۽ عوام جي زندگيءَ تي وڏا منفي اثر پوندا. سمنڊ ڏانهن پاڻيءَ جي وهڪري کي برقرار رکڻ سنڌ جي ماحول ۽ معيشت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو.

Thursday, 5 September 2024

ڪارونجهر جي ڪهاڻي


 ڪارونجهر جي 
ڪهاڻي پنهنجي زباني
شو راساڻي

آئون  نالي ڪارونجهر سنڌ امڙ جو پُٽ جيڏو منهنجو قد ڪاٺ آھي ايڏو ئي منهنجو نالو ۽ جوڀن جواني آھي. اها جوڀن جواني  توهان سمورن سنڌ واسين جي ساٿ سان سدا سرهي رهندي. شو راساڻي
آئون سنڌ امڙ جي هنج ۾ هميشه  رهان ٿو. توهان کي يقين هوندو ته  ماءُ جي هنج ۾ رهندڙ ٻار ڪيڏو نه پيارو لڳندو آھي. ايئن ئي آئون هيل وسڪاري جي وجود منهنجي شان ۽ مان وڌائي دنيا جي خوبصورت حسين وادين کان وڌيڪ من موهيندڙ ڪري ڇڏيو آھي.
يقين ڪريو سنڌ واسي جڏھن منهنجي سيني تي چڙھي ڪارونجهر جي نالي تي پنهنجو قد ڪاٺ اوچو ڪرائن ٿا ۽ هن ٿيندڙ مون سان ناانصافين جو آواز اٿارين ٿا ۽ مونکي ننڍڙي ٻار وانگر جڏھن چميون ڏين ٿا ته مون کي اڪيلائپ جو احساس ختم ٿي ويندو آھي. ۽ منهنجو ڀرجهلو توهان سنڌ واسيو آھيو. مون  هميشه سنڌ جي سونهن، حُسن، حسين نظارا، وسڪاري ۾ پاڻ کي ناياب وڻ، منهنجي مٿي کان پيرن تائين  گنگا جل، ناياب جڙي ٻوٽيون ۽ معدنيات جا مڻ سانڍي رکيا آھن.
آئون ڪارونجهر اهو ئي آھيان جنهن تي دنيا پهرين به ڪاھ ڪئي حڪومتون کسيون ويون پر هتي جي روپلن، سوڍن سميت سمورن منهنجي ساھ کي بچائڻ لاء سندا ساھ ڏنا. انهن جي قربانين جي ڪري آئون اج توهان جي سامهون اهو ئي ٽُوه جواني کڻي بيٺو آھيان.
پر مون تي ڪيئي وار وريا بيٺا آھن، ڪيئي ڪاتيون ڪهاڙيون منهنجا گوڏا ڪٽڻ جي ڪاھ لاء ڪسيو بيٺا آھن.
منهنجي سونهن منهنجو ساھ سنڌ جي سينڌ آھي. ۽ منهنجي پارت پوري سنڌ کي آھي. پر منهنجي ننڍ فٽل آھي ساھ مُٺ ۾ آھي.
لاھہ مَ پَچارانِ، سُکِ مَ سُمھُہ ڄِندَڙا،
ڪَرَ جهورِي ڪِيڻانِ، ڪالهوڻا اَڄُ گهَڻِي.

Sunday, 17 December 2023

ڪراچي سمنڊ ۽ ماحولياتي ڪانفرنس

 ڪراچي سمنڊ ۽ ماحولياتي ڪانفرنس

ڪاڪڙ صاحب تازو ئي ڪوپ 28 دُبئي ۾ ماحولياتي ڪانفرنس ۾ 200 مُلڪن جي اجتمائي ڪانفرنسي ٺهرا۽ ۾ اهو تھ ڪيو ويو ته اسان فازل فيول يعني ٻارڻ(ڪوئلي جو ٻارڻ، گيس جو ٻارڻ، جنهن سان گرمي پد وڌي)  جنهن ۾ ماحول کي نُقصان ٿيئي اهو ڪم نه ڪنداسين،  پر ڪاڪي کي ڪراچي جي سمنڊ جو انتهائي حد درجي جو نُقصان کي بچائڻ لاء ڪو خاص اُپاء يا قدم کڻن لاء ڪير چوي؟ سمنڊ جي اندر فُضلو نه وجهڻ جو ڪو انتظام يا مينگرووز جو لڳائڻ يا ڪا ٻي رٿا ڪئي وئي ته  سمنڊ جي مڇي، تازي هوا، گهٽ گرمي پد ۽ سامونڊي سطع برقرار رهڻ اسان جي ورثي ۾ رهندو، باقي ڪوئلي ۽ ٿر جو نصيب،

ڪراچي سان گنڍيل سمنڊ سان اسان ايئن ڪيو آهي جيئن ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان

ڪراچي هڪ تمام وڏو شهر هئڻ جي ناتي تمام وڏي تعداد ۾ فُضلو ڇڏي ٿو، جنهن ۾ تمام فيڪٽريون،مارڪيٽون، گوشت مارڪيٽون، ڪيميڪل جون انڊسٽريون جن جو فُضلو جيڪو گٽرن ۽ نالن جي ذريعي سمنڊ ۾ پهچي ٿو، ڪُجھ ذريعن موجب اهو ٻُڌو ته سمنڊ کي جيستائين پاڻي نه ڏينداسين ته سمنڊ جي سطح وڌي ويندي ۽ شهر کي ٻوڙي سگهي ٿي، پر ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ موجود ڪورل ريف جيڪو هيٺين تھ هڪ جار وانگر نظر ايندو آهي جيڪو سمنڊ جي گرمائش کي متوازن رکڻ سان گڏوگڏ مڇي جي جگھ ۽ کاڌ خوراڪ جو ذريعو ٿيندو آهي، جيڪا گندي پاڻي جي ڪري اها ڪورل آهستي آهستي ختم ٿيندي پئي وڃي، سمنڊ هوا ۾ 70 سيڪڙو آڪيسجن جو واحد ذريعو آهي، جيڪا آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي،

اها ڪورل ريفس جيڪا سمنڊ ۾ ٻوٽين نمان ٿيندڙ سمنڊ ۾ ڪاربان کي جذب ڪري گرمي پد کي روڪي ٿي، جيڪر اها نه رهي ته گرمي پد وڌندي ويندي، جنهن فضا ۾ اسان ساھ کڻون ٿا ان ۾ آڪسيجن جو گهڻو ذريعو سمنڊ ئي آهي، جڏهن ته اسان سمنڊ ۾ گٽرن، صنعتي فُضلو  نالن جي ذريعي اُڇلائي هوا ۾ تازي آڪسيجن کان محروم ٿيون پيا.

Tuesday, 8 June 2021

RO Plant ( Reverse Osmosis Plant)

 آر-او پلانٽ (ريورس اوسموسس)

شولال راساڻي
آر-او سجي دنيا ۾ هڪ بهترين ٽيڪنولوجي آهي جنهن جي ذريعي کاري پاڻي مان نمڪيات ۽ ٻيون آلودگيون ڪڍي پيئڻ جي لائق ڪيو ويندو آهي.
آر-او پلانٽ خصوصن کاري پاڻي تي لڳايو وڃي ٿو جتي پاڻي ۾ نمڪيات گھڻي آهي،يا وري پاڻي تمام گھڻو گدلو آهي. آر-او پلانٽ جي ڊزائن موجود (وسيلي جي) پاڻي جي چڪاس تي آهي جيئن ڪنهن هڪ ڳوٺ ۾ موجود زير زمين پاڻي جو ٽيسٽ جونتيجو، ۽ ٻي وسيلي(کوهه، نلڪو،بور،وغيره ) جي پاڻي جي چڪاس جو نتيجو الڳ هوندوآهي، تنهن ڪري آر-او ٻنهي لاءِ الڳ ڊزائن ڪبو،آر-او جو دارومدار ميمبرين تي هوندو آهي جنهن جي بناوٽ پاڻي ۾ موجود ڪيميسٽري تي آهي، انهي لاءِ ٿر ۾ کاهوڙ لاءِ الڳ ته وري ڪنٺي لاءِ الڳ آر-رو تيار ڪبو آهي، اهڙي طرح جيترو گهڻو کارو پاڻي هوندو اوترو آر-رو مٺو گهٽ ڏيندو.
آر-رو پلانٽ جي ميمبرين جو اثر سڌو اڻ سڌو پاڻي ۾ موجود ملاوٽ تي آهي جهڙوڪ مٽي،گدلاڻ،پاڻي جو گرو هجڻ،ڪلورين جو گھڻو مقدار،آئرن ۽ مينگنيز جو هجڻ،انهي ڪري ميمبرين تائين پاڻي جو (وڏي پريشر سان) پهچڻ صاف هجڻ ضروري آهي انهي لاءِ الڳ سينڊ يا ڪاربان فلٽرلڳايو ويندو آهي جيڪو ميمبرين مان گذرڻ کان اڳ گدلاڻ کان صاف ڪري ٿو،انهي فلٽر کان پوءِ هڪ ڊوزنگ پمپ لگندو آهي جيڪو هڪ ڊرم سان پائيپ جي ذريعي لڳايو ويندو آهي جنهن ڊرم ۾ هڪ اينٽي اسڪيلينٽ نالي ڪيميڪل هوندو آهي جيڪو جراثيم کي ماري ٿو، هن ڊوزنگ پمپ کان پوءِ هڪ ڪارٽيج فلٽر (5 مائڪرون پري فلٽريشن) لڳندو آهي جيڪو اڃان وڌيڪ صاف ڪري ميمبرين ڏانهن موڪلڻ لاءِ هڪ هائي پريشر پمپ ذريعي ميمبرين ڏانهن موڪليندو آهي،هاڻي ميمبرين جي ڊزائن جو ڪردار هوندو ته هو ڪهڙي شيءَ کي گذاري ٿي.ميمبرين ۾ موجود سوراخ جي ماپ ائين پاڻي ۾ موجود عنصرن جي ماپ تي دارو مدار آهي،جهڙوڪ پاڻي ۾ موجود سوڍيم ميگنيشم،ڪلورائيڊ جي سائيز ماپ ميبرين جي سوراخ جي ماپ کان گهٽ آهي ته پوءِ پاڻي ۾ موجود سوڍيم ميگنيشم،ڪلورائيڊ سڌو گُذري ايندا ايئن ٿر ۾ لڳل آر-او ۾ به اها ئي عمل ٿيو آهي جڏهن ته ٿر ۾ موجود پاڻي ۾ لوڻياٺ (سوڊيم ميگنيشم،ڪلورائيڊ) تمام گھڻي آهي ائين اهو پاڻي جڏهن ٻاهر استعمال لاءِ گهرن ۾ دِلن،گيلن يا ٻي ڪنهن برتن ۾ رکيو ويندو آهي ته پاڻي ۾ اها برابر واري شرط نه رهندي آهي پوءِ پاڻي انهي برتن سان هوا جي ذريعي ردعمل ڪري ٿو جنهن سان پاڻي جو ٽيسٽ بدلجي وڃي ٿو جيڪا ٿر ۾ هر ماڻهو جي واتان اهو ٻُڌڻ ايندو آهي.پاڻي جڏهن ميمبرين مان گذري ٻاهر نڪرندو آهي ته پوءِ وري پاڻي اوزونيٽر ۽ يُو وي لائيٽ مان گُذاري پوءِ گڏ ڪرڻ واري ٽينڪ ۾ وڌو ويندو آهي، جيڪڏهن اُها ٽينڪ صاف ناهي ته پوءِ ايڏي وڏي نموني جو مقصد ناهي رهيو، ۽ ٽينڪ اهڙي نموني بند هجي جيئن ان ۾ سج جي روشني سڌي نه پهچي،هاڻي ايڏي وڏي محنت سان پاڻي صاف ڪيو ويو پر وري اها صاف پاڻي انهن گهڙن/دِلن يا ڪنهن اڻ ڌوتل برتن ذريعي جڏهن پاڻي گھرن تائين ويندو ته آر-او جي ڪو معنيٰ نه رهي، رهي ڳالهه منرل جي ته پوءِ جڏهن پاڻي ميمبرين مان گُذري ايندو آهي ته پاڻي جي ٽي-ڊي-ايس ۽ پي- ايڇ معلوم ڪبي آهي،پر جي ڪڏهن پي-ايڇ پوري ناهي ته پوءِ پي-ايڇ ڪيميڪل وڌو ويندو آهي ان کان پوءِ منرل پهرين چيڪ ڪري ماپ پطابق وڌا ويندا آهن تڏهن منرل واٽر چئي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ جو آر-رو پاڻي ۾ موجود منرل(ڪيلشيم ائيم ميگنيشيم) ڪڍي ڇڏيندو آهي جيڪا وري واپس هٿن سان وِڌا / ملايا ويندا آهن.
آر-رو پلانٽ مان نڪرندڙ کارو پاڻي جيڪو ڪنهن ڪم جو ڪونه هوندو آهي. نه مال جي پيئڻ جي نه وري ڪنهن گهرو ڪم جي، آر-او مان خارج ٿيندڙ کارو پاڻي جو تعداد مٺي ٿيندڙ پاڻي کان گھڻو هوندو آهي، ائين جيڪڏهن اُهو کارو پاڻي ايئن ئي زمين تي ڇڏي ڏنو ته زمين لوڻياٺي ٿي ويندي ائين اُتي موجود وڻ به سڙي ويندا،انهي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو انتظام ڪيل هجي ته جيئن نه مال پي سگهي نه ئي وري اهو ساگيو پاڻي زمين ۾ داخل ٿي زير زمين سان ملي اُن کي وڌيڪ کارو ڪري، ان جو واحد حل هوا ۾ اُڏائڻ آهي جيڪو ڏکيو عمل آهي. اهو ٿر ۾ موجود ڪنهن به آر-او پلانٽ ۾ ناهي بس هڪ بحريه فائونڊيشن طرفان ڳوٺ حجامڙو ۾ کاري پاڻي کي هڪ زير زمين ٽانڪو ٺاهي ان کي مٿان بند ڪيو ويو آهي،
هن ٽيڪنولوجي کي روزمره جي بنياد تي هلائڻ لاءِ هڪ تربيت يافته آپريٽر جي ضرورت هوندي آهي جيڪو پل پل پوري معاملي کي چڱي ريت سمجهي ائين حل ڪري سگهي.
آر-او آهستي وارو عمل آهي ٿوري وقت ۾ گھڻو پاڻي مٺو نٿو ڪري سگھي، ائين آر-او کارو پاڻي گھڻو ڪندو آهي ۽ مٺو پاڻي گھٽ، هڪ پاڻي جي ٽي-ڊي-ايس ڏهه هزار پي-پي-ايم آهي جڏهن اهو مٺو ڪرڻ لاءِ هڪ هزار کان گھٽ ڪندو ته لازمي آهي پويان کاري پاڻي جو تعداد گھڻو ٿيندو،اهڙي ريت پاڻي جو 60 سيڪڙو کارو ته 40 سيڪڙو مٺو نڪرندو.
آر-او جو پاڻي ٿورو تکو هوندو آهي،ائين ذائقوپڻ بدليل هوندو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڪا ڳالهه سمجهه نه آئي يا وري مون ڪجه غلط بيان ڪيو هجي يا وري ڪو دوست اڃان وڌيڪ اضافعو ڪرڻ چاهي ته ڀليڪار چوندس.
شولال راساڻي

Environment will not Die If Tree will remain on Earth

 ٿر پُڪاري پر

تحرير؛ شولال راساڻي
ھوئين ٿرپارڪار پنھنجي مستي ۾ جھومي رھيو آھي، ان جھومڻ ۾ وڌيڪ ساھتا ڪرڻ وارا ٿر جا معصوم ۽ خوبصورت آواز گونجندڙ پکيئڙا آھن، جيڪي ٿر جي ڀٽن جي ڀلوڙ ڌوڙ جي سِليڪا جھڙي داڻن سان پنھنجو مڌر آواز ٽھڪائي ٿر جي خوبصورتي تي ٿرين کي ناز ڪرائين ٿا.. توھان ٿر جي ڏورانھين پاسي ھليا وڃو ۽ جتي ڪنھن بہ قسم جو گوڙ شور ٻُڌڻ ۾ نہ اچي اُتي سڪون سان ويھي سانجھي جي وقت صرف انھن پکيئڙن جون لوليون ٻڌي توھان جي اندر جي روح جي غذا توھان کي سڪون ڏياريندي، اھو ٿر جا وڻ جيڪي آڪسيجن ڏيڻ سان گڏ انھن پکين جو آشيانو بڻيل آھن.پر اھي وڻ انھن پکين جو اجھو آھن جيڪي ھاڻي نالي ماتر رھيا آھن. اھو ٿر جي ڳالھ ٿي ڪجي جيڪا ھئي ، ھاڻي نالي ماتر رھي آھي، ان جا ذميوار صرف اسين ٿريا آھيون. اسان پاڻ انھن وڻن کي پنھنجي مُبارڪ ھٿن سان وڍرائي پٽ ڪري رھيا آھيون. اھي ڪيترائي وڻ پکين جا آشيانا جيڪي نيون ٿيندڙ ترقين ۾ ڪم آڻيندڙ روڊن تي ھلندڙ ڪارن چشمن پائيندڙ ٿرين جي ھلندڙ اڇين گاڏين جي ھڪ پُرس جيڏن فيٿن جي ھيٺيان چيڀاٽجي ويا..
ان سان ماحول ۾ آلودگي جو درجو وڌندو ۽ نون ترقين مان نڪرندڙ دونھون ھن آلودگي کي ھٿي ڏياريندو جنھن سان انسان کي ساھ کڻن ۾ تڪليف ٿيندي.اھو وڻڪاري ڏينھون ڏينھن ويندي ختم ٿيندي ۽ پريشاني وڌندي ويندي.انھي مسئلي جي حل ڏانھن ڪنھن بہ ڪنڌ ڪونہ ڦيرايو آھي اھو پڪ سان ايندڙ وقت پاڻ ٻڌايئندو.
دُنيا ۾ ھوائي آلودگي جا ايڪٽ ٺاھيل آھن جن تحت زمين ۽ آسمان صاف رکڻ ضروري سمجھيو ويندو آھي. ورلڊ ايڪانامڪ فورم تحت آمريڪا ۾ 1960 ۾ ھوائي آلودگي روڪڻ جو قانون ٺاھيو ويو جنھن تحت آمريڪا 1.5 بلين پکي بچايا آھن. ۽ اھو گاڏين جو تحداد ۽ اُن مان نڪرندڙ دونھي جو بہ ھر سال ڪاٿو لڳايو وڃي ٿو، اھڙن قانون ۽ قائدن ھوا ، ۽ ماحول ۾ وڌيڪ بھتري آڻي آھي.جنھن سان اوزون جي تھ تي وڏو سُٺو اثر پيو آھي.اھو سب ڪجھ اسان جي ففڙن سان لاگاپيل آھي، جيڪڏھن اھا ھوا صاف نہ ملندي تہ ايندڙ وقت ۾ بيماريون ڏاج ۾ ھونديون..ھوا جي آلودگي جو سڌو اثر پکين تي ٿيئي ٿو ..جنھن ۾ اڪثر جهرڪي ۽ جهرڪي جيڏن پکين لاءِ جيئڻ ڏُکيو ٿيندو..منھنجو توھان سڀني ٿرين کي نماڻو عرض آھي تہ اسان جي روح جي غذا اھي معصوم پکي آھن، جنھن سان ٿر ۾ خوبصورتي اچي ٿي انھن کي بچايو انھن جا اجھا وڻ نہ وڍيو. جيڪڏھن انھن جا پر پٽجي ويا تہ سمجھيو اسان جا پر پٽجي ويندا...توھان جو شولال راساڻي چيلھاريو

Water is too important in Life for Future. A Story in Local (Dhatki) Language

 پاڻي منجھ پساھ

ھيڪي زماني ري وات ايھ، ڪہ پانچو ۽ چانپو ٻہ لنگوٽيہ سنگتي ھوئين، چانپي ۽ پانچي را کيتر پڻ ڀيڙا ھوئين تو سيڙاھي ٿيا، ڏوڪرا کيتر کيڙتا اي روٽي ڀتو لي جاتا آن ليڏاڻ ڪڍڻ ري ڏينھان ۾ تڙائي مان پاڻي ري ڏيڙڪي ۽ گهڙو ڀري آتا،چانھ ري ٽاڻي ٻنڌي تي پرائين ٻڪرين ڏوھي آتا، وقت گزرتو رھيو، اوڙ اوڙ نا نہ رسي ائين وقت گُذرتو رھيو، پانچي ري گهر واڙا ڪينڪھ سڀرا ھتا تو پانچي نا پڙھاڻ سارون ناناڻي موڪليانتي، ناناڻا ۾ پڻ اسڪول ھيڪ گائو پري ھتي جڪا پانچو پڙھڻ جاتو، لاريا چانپو کيتر، لڪڙين، کيجڙي را پن اُتارڻ کان سواٰءِ ڪوئي ڪم ڪو ڪرتو، پانچوڪُجھ پڙھيو پڇي اگتي پڙھن جتو مائتران وٽ ھتو ڪونھي ، ناناڻا منجھ ھيڪي دُڪان تي لگو پڇي شھر ۾ آئي ھيڪي ريزڪي دُڪان تي لگو، پڇي آپرا ڪجھ جيئاڙ ويچي آپرو دُڪان کوليانتي آن سٺو واپاري ٿي گيو، پرڻيو ٻاڙي ٻچي شھر ۾ رھيو، اولاد وڏو ٿيو پڙھيو ڪو ڊاڪٽر ٿيو ڪو ماستر، پانچي را آخري ڏينھن آيا پانچي ڪھيو مِنا ھيڪو وارو گان لي ھلو ھون مانجھي سيڙھائي سان کيتر ري ٻنڌي تي ٻيسي واتين ڪران، اوئي مڙھي ري ڇاڙھيان ري چانھ پيان، اوئي تڙھي ري مونھيئي تي ٻيسي زور سان ڪاھان ھئو پڇا، پر ڊاڪٽر ڪھيو ڪ ھون ھڻا ايمرجنسي ۾ اھان مين وٽ ٽائيم ڪو ايھ، ماستر ڪھيو ڪ اھين موڪلان پر دُڪان تي ماڙھو ڪوئي ڪو ايھ، ٻيلي رات پئي ڏوڪري نڪو دوا لئي نڪو روٽي نڪو پاڻي، پانچو مٿلي ڪمري ۾ سُتو، لارلا ڪُلي ھيٺلي جگھ ۾ سُتا، پانچي رو ساس الائي ڪيھ ٽاڻي نِڪري گيو،چانپي نان خبر موڙي پئي ڏک گهڻو ئي ٿيو پر ٻہ چار ڏينھن رکي گيو شھر ڪيئن جائي پُگو او چانپي نا ئي خبر ايھ، ھئو ٻيلي چانپي نا پڻ ساگي مٿلي ڪوٺي ۾ ٻيساڙيانتي، ڪو ڪيڻ گيو ڪو ڪيڻ گيو، رات را پڇا آيا ڪُلي پر چانپي نا ڪيئي ڪو ٻولايو، چانپي دل جهلي ڪھيو ڪہ مانتري ڪي پانچو آن ڪي پانچي رين واتين، پانچي را پوترا ٽي وي تي نجر، چانپي پانچي رو پڇيو تہ ٿيو ڪي تو پانچي نا ھيڪي ڪھيو ڪہ ڪورونا وائرس ٿي گيو تو ۽ سجي حقيقت ڪري سُڻائي، چانپي نا پڻ آئي سيڙن سوڙھو ٿيو، سوچيانتي ڪڏھن صبح ٿي جڪو پڇو ڀجان، لولو مليو کائي سوئي رھيو، سوھجاڪي رو اُٺيو تو جوئي انجان ڪوڪڙو ڪو لگي پئي ايھ، چانپي نا چانھ ري ٻاھاڙ لگي پر ڪوئي اِتو ويھلو اُٺي تو چانھ جُڙي، ٻيسي وڙي سوئي، پاسا وڙائي وڙائي ٿڪو نيٺ ڪجھ سوجھرو ٿيو، ايئي نا پاڻي ڍُڙڻ رو آواز آيو، ايئي سوچيو برسات آئي، پر ٻاھر نڪريو تو برسات ڪونھي پرپاڻي ري آواج آئي، ايئي سوچيو ڪہ ايئي ٽاڻي گان ۾ تڙھي مان پاڻي ڀري آوان تا تو ڏوھرو ٿي تو اي تو اِ ٿ پاڻي ڍُڙي پيو ڪوئي جوئي ئي ڪوٿو، نہ رھيو اُٺيو نيٺ مٿلي ڪمري مان چاڙھيان منجها اُترتو ھيٺو آتو آتو آواج پڻ ڏيتو آيو ڪہ ابا پاڻي ڍُڙي پيو، ڏوڪري را سوڙ کاڌل تڙھان تان اسوُر را ڏاگا ڪڏي گڏھ لي جائي وارا ڪڍتا پاڻي ھودڪي ۾ ڀيڙو ڪرتا پڇي وڙي اُٺان جان گڏھ تي پکالان ڀري گائو پنڌ ڪري گهري لي آتا، ڪڙسيو ڪرڻ سارون ھيڪ لوٽيو لي جاتا، راگي نيپي سارون گھر ۾ ٺان ڌوئي ڀيڙو ڪرتا، جھلڻ سارون ھيڪي گهڙي منجھ ٻہ جڻا ڪم ليتا، او ڪو ريھ اھڙا سوڙ کاڌوڙا، چانپو ٻيلي ھيٺو ڏاڪا اترتو گيو رڙين ڪرتو گيو، نيٺ ماستر دروازو کوليو ڪھيو ڪي ٿيو ڪاڪا اِتا ويھلا ڪي اُٺيا اھو، ڪي ٿيو، جتي ڊاڪٽر اٺيو انکين مسڙتو ٻاھر نڪريو ؛ ڪاڪا ڪي ٿيو خير تہ ايھ چانپي ڪھيو ڪہ ڏِڪرا پاڻي ڍُڙي پيو ڪوئي جوئي ڪوٿو، ڪھا پيو ڍُڙي؟؟ ماستر لوڻا ھڻتو پڇو وڙيو ڪھيانتي ڪاڪا او تان پاسي واڙي گهر ري مٿلي ڇت واڙي ٽانڪي ڀراڻي ايھ او پيو ڍُري، ڊاڪٽر مٿي تي ھٿ ھڻتي ڪھيو ڪہ ڪاڪا ڪي سجي گهر نا اُٺاڙيو ايھ، پر چانپي ري چانھ رو ٽاڻو اوئي نان آپري، پر وڙي ھيڪ سيڙھي رو ڏاڪو چڙھيوڙو پڇو وڙيو ڪھيو ڪہ ڏِڪرا اٿ رواج ڪو ايھ جي پاسي واڙي ري گهر ۾ پاڻي ڍُري پيو آن اوھين ماٺ ڪري ٻيٺا اھو ايئن ڪاھتو چاڙھي را ٽِن چار ڏاڪا چڙھيو ماستر پڇو سوئي رھيو، پانچي وڙي اُبتا پگ کڻيا آھستي آھستي درواجو کولي ٻاھر نڪريو پاسي وڙي گهر رو در کُڙڪايو، اُٿ پڻ ھيڪ ڏوڪرو نڪريو جڪي ري ڊيوٽي موٽر چالو ڪرڻ ھتي، چانپي ڪھيو ڪ ٻيلي اڀانجي ھودي ڀراڻي پري ايھ مھرباني ڪري بند ڪرو، جي ايئن ڪرسو تو پاڻي ھيڪ ڏينھن کٽسي، تڙھان ۾ تان اسين ڪيڻان ڪڍي پاڻي گچ ڪران تا اِٿ تان الاھي ڪيئن ٿيسي، ايئن پيا ڍوڙو جيئن اسين گان مين ڀدري رو نِج گيھ ، اوئي گهر ري ڏوڪري نا پڻ مس اھڙو ڏوڪر ھٿ چڙھيو، جتي گھر واڙا اٺيا چانھ چاڙھيانتي چانپي چانھ را ڪوپ چار چسڪائي پڇو روانو ٿيو، پر پانچي ري گھر واڙا ستل ئي رھيا. ڪھاڻ رو مقصد اوھين سمجھي گيا ھوسو تہ ايئي ڪھاڻي مين ڪيري وات اھم ايھ،
جي وات سمجھ مين آئي تو ڪمينٽ ڪريا پر ھيڪ دفعو پڙھڻ واڙي نان سمجھ مُشڪل آوي.

 

ڏيڍي ڳنڍ

هوئين ته ڳنڍن جا ڪيترائي  قسم  آهن  پر  ڏيڍي  ڳنڍ جو  ڪردار  ئي  پنهنجو آهي...هن  ڳنڍ  کي  اميد  جي  ڳنڍ  چئبو  آهي  جاڪاڻ  جو  اهو ٻيهر  کولڻ  جي اميد  رکرائي  ٿي جنهن جو قدر  شلوار  قميص  پاتل هر شخص  کي  هوندو آهي  ڪڏهن ڪڏهن پيٽ  خراب  جي  صورت  ۾  شلوار  کي  ٻه  ڳنڍون  اچي  وڃن   ته  وڃي پڇو ان شخص  سان  ته  ڏيڍي  ڳنڍ  ڇا  هوندي  آهي  ڏيڍي ڳنڍ  کي  هميشه  پيار  سان  کولڻ  جي  ضرورت  پوندي  آهي  سياري  جي  رات  ۾  اڪثر  جوش  ۽ جذباتي  ٿي  کولڻ  جي  ڪوشش  ڪئي ويندي  آهي پر  پوء  ٻيڙي ڳنڍ اچڻ تي  اڪثر   ڏندن  سان  کولڻ تي  مجبور  ڪريو  ڇڏي , ڏيڍي  ڳنڍ  هميشه  اتي  ئي ڏني  ويندي  جتي  وري  کولڻ  جي  اميد  رکي سگهجي  مثآل طور  شلوار ,  بوٽ,  ڪاٺين جي ڀري,  مال کي  ڪنهن  ڪلي يا وڻ ۾  ٻڌڻ  لاء.... هن مواد  کي   پڙهندڙ هر  شخص   صبح ڳنڍ کولڻ  جي  وقت  ضرور  ياد  ڪندو....

مهرباني.

Thar and Trees ( Deforestation) کٻڙ ۽ ڪنڊي

 

کٻڙ ۽ ڪنڊي

شولال راساڻي

ٿر  ۾  ڪنڊي ۽ کٻڙ ٻه اهڙا وڻ آهن جيڪي هڪٻئي جي سهاري وڌي وڏا ٿيندا آهن.. اڪثر ڪري ٿر ۾ ڏٺو  هوندو ته اهي ٻئي گڏ هوندا آهن..انهن جي ذاتي زندگي ۾ صرف ٻين لاء جيئڻ جو موقف هوندو آهي...اهي پنهنجو پاڻ لاء ڪجه  ناهي ڪندا آهن. ٿر ۽ ٿر  جي ماڻهن، مال ۽  پکي  لاء جيئدا آهن اهي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي تتل اس کي برداشت ڪري پنهنجي اگهاڙي جسم کي جهوري  انسانن لاء  ٿڌي ڇانو ڪندا آهن….اهي ٿر جا  وڻ نه ڪڏهن شراب پي ڳار گند ڪندا آهن  نه رات جو سڪون واري ننڊ ڪندا آهن,  نه ئي وري ڪنهن کي ماريندا آهن, انهن تي ڪجه دل چيو ته ٻه اکر لکان جيڪي مون کي ڪنهن کٻڙ ۽ ڪنڊي جي ڀاڪر واري ڇانو ۾ ياد آيا اُهي ايئن آهن،

زمين جي اندر  لڪل ٻنهي جي ٻج کي اها خبر ئي نه هئي ته ڪو اسان پاڙيسري آهيون وقت سان ٻج پنهنجو پاڻ کي نرواڻ ڪرڻ لڳا..زمين جي تهه تي نڪرڻ وقت هڪ ٻئي کي سامهون ڏٺائون پر ڪنڊي شايد عمر ۾ وڏي هئي ڇاڪاڻ جو اهو ڪجه وقت پهرين هن کي زمين جي هيٺين تهه پنهنجي ڀاڪر م پائي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ڇڏيو..وقت گذرندو رهيو کٻڙ جي دل م ڪنڊي سان عشق ٿيندو ويو..دل ڪري پئي ته ڀاڪر وجهان پر ڪجه ڪري نٿي سگهي. دل سان دئائن نيٺ نياڻي جو نصيب ٺهيو , آخر موسم کي معيار ملي ته هوا هوش ۾ آئي ۽ پنهنجو پاڻ کي طوفان جي شڪل م اچي ساٿ ڏنو هن زوردار هوا  سان کٻڙ  وڃي ڪنڊي سان  ڀاڪر پائي پنهنجو روح ڪنڊي  کي ارپي ڇڏيو. ڪنڊي کي پنهجي ٻانهن  ۾ وجهي هميشه  ساه  ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. پر ٿر ۾ اوڀر واري هوا (اُگتيو) جنهن کي فيٽاڙو به چوندا آهن جنهن کي  انهن جي ڪٺور سياري جي سي ۾  ڀاڪر  پائي لطف وٺڻ ۽  روح رهاڻ نه وڻي ۽ پنهنجي زور سان  الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر  ٿر جي ڪپه جهڙو گرم وڻ ٻوهه جنهن کٻڙ ۽ ڪنڊي جي جواني جي جوش جو احساس ڪندي  ساٿ  ڏنو  ۽  الڳ ڪرڻ  نه ڏنو.  سياري جا اڻوسرندڙ  لمحا جيئن ئي گذريا ته بهار جي موسم هنن جي جواني کي جي م جا۽ ڏني  وڻ فوٽ جا  ڏينهن شروع ٿيا ته ٻنهي جهليا ٻور ڪنڊي کٻڙ جي ۽ کٻڙ ڪنڊي جي ڦلن کي چميون ڏيندا رهيا ۽ رس چوسندا رهيا جيڪو پوپٽ  ۽ ماکي جي مک  کي  اها  گالهه نه وڻي ۽ انهن به پنهنجو ڪم لاٿو. نيٺ ڦل ڏيڻ شروع  ڪيو  ته هن قدرت جي ماحول ۾ جيڪو اشرف المخلوقات جو درجو رکندڙ انسان اچي پهتو….جنهن کٻڙ جي  جسم کي رتو رت ڪري ڇڏيو جنهن تي ڪنڊي  ڪومائجڻ لڳي, پر ٻئي وڻ انسان نالي درندي اگيان مجبور رهيا، انهن صرف ايترو ٿي پڇيو ته اي انسان اسان جو ڪهڙو ڏوه جو اسان سان ايئن ڪيو پيو وڃي، ڏوه صرف اهو آهي ته اسان توهان لاء ٿدي ڇانو،ميوو، ڪاٺي، آڪسيجن، ماحول کي صاف رکڻ ۾ مدد ٿا ڪريون صرف اهو ئي ڏوه آه…؟؟؟؟ پر وقت سان گڏ ڪنڊي جو به  ڪنهن وحشي انسانيت  جي   پايل پوتلي هٿان سر قلم  ڪيو ويو…. شولال راساڻي