ڪارونجهر جي
ڪهاڻي پنهنجي زباني
شو راساڻي
آئون نالي ڪارونجهر سنڌ امڙ جو پُٽ جيڏو منهنجو قد ڪاٺ آھي ايڏو ئي منهنجو نالو ۽ جوڀن جواني آھي. اها جوڀن جواني توهان سمورن سنڌ واسين جي ساٿ سان سدا سرهي رهندي. شو راساڻي
آئون سنڌ امڙ جي هنج ۾ هميشه رهان ٿو. توهان کي يقين هوندو ته ماءُ جي هنج ۾ رهندڙ ٻار ڪيڏو نه پيارو لڳندو آھي. ايئن ئي آئون هيل وسڪاري جي وجود منهنجي شان ۽ مان وڌائي دنيا جي خوبصورت حسين وادين کان وڌيڪ من موهيندڙ ڪري ڇڏيو آھي.
يقين ڪريو سنڌ واسي جڏھن منهنجي سيني تي چڙھي ڪارونجهر جي نالي تي پنهنجو قد ڪاٺ اوچو ڪرائن ٿا ۽ هن ٿيندڙ مون سان ناانصافين جو آواز اٿارين ٿا ۽ مونکي ننڍڙي ٻار وانگر جڏھن چميون ڏين ٿا ته مون کي اڪيلائپ جو احساس ختم ٿي ويندو آھي. ۽ منهنجو ڀرجهلو توهان سنڌ واسيو آھيو. مون هميشه سنڌ جي سونهن، حُسن، حسين نظارا، وسڪاري ۾ پاڻ کي ناياب وڻ، منهنجي مٿي کان پيرن تائين گنگا جل، ناياب جڙي ٻوٽيون ۽ معدنيات جا مڻ سانڍي رکيا آھن.
آئون ڪارونجهر اهو ئي آھيان جنهن تي دنيا پهرين به ڪاھ ڪئي حڪومتون کسيون ويون پر هتي جي روپلن، سوڍن سميت سمورن منهنجي ساھ کي بچائڻ لاء سندا ساھ ڏنا. انهن جي قربانين جي ڪري آئون اج توهان جي سامهون اهو ئي ٽُوه جواني کڻي بيٺو آھيان.
پر مون تي ڪيئي وار وريا بيٺا آھن، ڪيئي ڪاتيون ڪهاڙيون منهنجا گوڏا ڪٽڻ جي ڪاھ لاء ڪسيو بيٺا آھن.
منهنجي سونهن منهنجو ساھ سنڌ جي سينڌ آھي. ۽ منهنجي پارت پوري سنڌ کي آھي. پر منهنجي ننڍ فٽل آھي ساھ مُٺ ۾ آھي.
لاھہ مَ پَچارانِ، سُکِ مَ سُمھُہ ڄِندَڙا،
ڪَرَ جهورِي ڪِيڻانِ، ڪالهوڻا اَڄُ گهَڻِي.