سنڌو درياءَ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو درياھ آهي ۽ دُنيا جي وڏن دريائن مان هڪ آهي، درياءَ جي ڊيگھ لڳ ڀڳ 2000 ميل يا 3200 ڪلوميٽر آهي. اهو درياھ چين جي علائقي تبت ۾ هماليه جي ڪيلاش پهاڙي مان نڪري ٿو، ڪيلاش جي وچ ۾ هڪ مشهور جبل به آهي، جنهن جي ڪناري تي هڪ مشهور ڍنڍ مانسرور، مانسارور موجود آهي، جنهن کي درياءِ سنڌ جو سرچشمو سمجهيو وڃي ٿو. هن ڍنڍ مان درياءِ سنڌ جي سينڌ شير جي وات مان شروع ٿيئي ٿي، ۽ ٻيا درياءَ جهڙوڪ، هاٿيءَ جي وات مان ستلج، مور جي چونچ مان گنگا ۽ گهوڙي جي وات مان برهم پُتر درياءَ نڪرن ٿا.
1960 ع ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جو دريائن جي ورڇ تي هڪ معاهدو ٿيو هو. جيڪو جواهر لال نهرو ڪراچي اچي صدر ايوب خان سان معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان معاهدي ۾ ٽي درياءَ بياس،ستلج، ۽ راوي انڊيا رکيا ۽ ٽي سنڌو درياءَ، چناب درياءَ ۽ جھلم درياءَ 80 سيڪڙو جي نسبت سان پاڪستان کي سونپيا ويا ۽ انهن جو پڻ 18 کان 20 سيڪڙو انڊيا جي حوالي ٿيل آهي، جنهن مان اهو بجليءَ جا ڪارخانا، زراعت لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو، پر معاهدي مطابق، پاڻيءَ کي روڪي يا رُخ موڙڻ يا ڊيم نه ٺاهي سگهندو. بي بي سي مطابق، انڊيا هاڻ ان معاهدي تان ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد موسمياتي تبديلي، آباديءَ ۾ اضافو، صاف انرجي جي پيداوار ۽ پسگردائيءَ ۾دهشتگردي جهڙن واقعن جو جواز آهي. بي بي سي تي انٽرويو ۾ ٻنهي پاسن جي ماهرن جا خيال اهي آهن ته، اهو معاهدو ٻنهي جي رضامنديءَ سان ختم ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن هندوستان ان معاهدي کي پنهنجي منهن ختم ڪندو ته اهو هڪ نئين روايت وجهندو، جيڪا پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻڻ جي برابر هوندي، ڇاڪاڻ جو هندوستان خود هڪ لو ريپيئريئن مُلڪ آهي، جيڪو هاءِ ريپيئريئن مُلڪ چائنا جي برهم پُترا درياءَ جي پاڻي مان پاڻي وصول ڪري رهيو آهي، پوءِ اها روايت چائنا پوري ڪندو ته هندوستان لاءِ لپ به پاڻي نه ملندو، ۽ چين کي ڪير روڪي به نٿو سگهي.
هندوستان پاڻ پاڪستان جو هاءِ ريپيئريئن مُلڪ ته آهي پر هوڏانهن چين جو لو ريپيئريئن مُلڪ جي ناتي پاڻ به ڦاٿل آهي، اهو هڪ الڳ بحث آهي ته چين سان پاڪستان ۽ هندوستان ٻنهي جا هن وقت واسطا گهرا آهن ۽ چين ٻنهي مُلڪن ۾ پنهنجي سرماياڪاري کي هٿي ڏئي رهيو آهي. سنڌ طاس وارو معاملو پاڪستان سان الڳ پاڻيءَ جو مسئلو آهي، جڏهن ته هن وقت پاڪستان ۾ ٻيو اهم موضوع زيرِ بحث آهي، جنهن ۾ سنڌو درياءَ تي وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ جو، جيڪو ارسا ايڪٽ جي ماتحت پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارو معاهدو ٿيل آهي، اهو تفصيلن نصير ميمڻ جي سوشل اڪائونٽس تي پرنٽ ۽ سندس وڊيوز ۾ به بيان ڪيل آهن، جيڪا اسان جي سنڌ جو شعور جي لاءِ هڪ بهترين ڄاڻ آهي، ۽ نصير ميمڻ يقينن ان معاملي تي تفصيلن لکيو آهي ۽ هڪ بهترين ڪيس وڙهي رهيو آهي، انهيءَ سان گڏ اسان جي سنڌ جي سول سوسائٽي پڻ سُجاڳ آهي ۽ سنڌ حڪومت کي هر موڙ تي ٿيندڙ هن ارسا ايڪٽ جي ترميم کي ناپسند ڪيو ويو آهي ۽ ان خلاف مُختلف هنڌن تي هڙتالن جا سڏ به ڏنا ويا آهن ۽ ڏنا پيا وڃن.
هاڻي هڪڙي پاسي ڏٺو وڃي ته سنڌ طاس مسئلو پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري ارسا ايڪٽ جي ترميم سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ويتر وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ صوبائي ڇڪتاڻ جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪُجھ منٽن لاءِ اهو سوچجي ۽ پوئين تاريخ ورجائجي ته هن وقت تائين ڪوٽڙي بئراج تان پاڻي جو وهڪرو ڪيترو رهيو آهي ۽ اڳي ڪيترو هوندو هو، اهو ته ڪينال ٺاهڻ کان پهريان جي ڳالھ ٿي ڪجي، هاڻي جيڪڏهن ساحلي پٽي تي نظر ڦيرائجي ته هڪڙي پاسي ڪجھ پٽن تي تيل جي ڳولها دوران ڪيترائي ڪيميڪل وارا بور ۽ بارود استعمال ٿيا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي معيار ۾ وڏو فرق آيو ۽ ٻئي پاسي سنڌو درياءَ جي وهڪرن جي گھٽجڻ سان زيرِ زمين پاڻيءَ جو مقدار به گھٽجي ويو آهي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو مقدار وڌيڪ هُجڻ جي ڪري زيرِ زمين پاڻي مٿي آيو آهي، انڊس بيسن جو هڪ پنهنجو ڪردار آهي، جيڪا ساحلي پٽيءَ سميت پوري سنڌو درياءَ جي پاسن کي چارج ڪري ٿي، اهو به هڪ وڏو خطرو آهي ته سنڌ جي زمين به انهيءَ مقدار ۽ معيار جو پاڻي نه ڏئي سگهندي.
جيڪڏهن سنڌو درياءَ مان سمنڊ ڏانهن پاڻيءَ جي وهڪري کي مڪمل طور تي روڪيو ويو، ته سمنڊ تي وڏي تبديلي ايندي. نيم ساحلي علائقن ۾ سمنڊ اڳتي وڌڻ شروع ڪندو، جنهن سبب سنڌ جي ساحلي علائقن جهڙوڪ، ٺٽو ۽ بدين کي وڏو نقصان ٿيندو. ان سان گڏ، سمنڊ جي لوڻياٺي پاڻيءَ جي زمين ۾ داخل ٿيڻ سان زرعي زمينن ۽ فصلن لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿيندو. درياءَ جو وهڪرو صرف پاڻيءَ جي فراهمي تائين محدود ناهي، اهو ماحولياتي نظام کي پڻ برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي. سنڌو ڊيلٽا، جيڪو ڪيترين ئي جانورن ۽ نباتات جو گهر آهي، پاڻي جي کوٽ سان سخت متاثر ٿيندو.
پاڻي جي کوٽ سان زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جيڪا سنڌ جي معيشت تي سڌو سنئون اثر وجهندي. ڪڻڪ، چانور ۽ ٻيا فصل پاڻيءَ جي کوٽ سبب متاثر ٿيندا، جنهن سان سنڌ جي زرعي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳندو. اهو روزگار جي گھٽتائي ۽ ڳوٺاڻي معيشت ۾ بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سنڌو درياءَ تي وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ سان سنڌ لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. پاڻيءَ جي ورهاست ۾ توازن خراب ٿيڻ سان گڏوگڏ ماحولياتي نظام، زراعت ۽ عوام جي زندگيءَ تي وڏا منفي اثر پوندا. سمنڊ ڏانهن پاڻيءَ جي وهڪري کي برقرار رکڻ سنڌ جي ماحول ۽ معيشت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو.